سندهي اردو لغت

سندهي اردو لغت

سندهي اردو لغت

سندهي-اردو لغت:هيءَ لغت مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان گڏجي مرتب ڪئي آهي. لغت ۾ هڪ سنڌي اکر، محاوري ۽ ٻٽي لفظ جي اردوءَ ۾ ڪيتريون ئي معنائون ڏنل آهن. مرتبن ’پيش لفظ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”1953ع کان 1954ع ۾ وزير تعليم حڪومت پاڪستان، سنڌي- اردو لغت ۽ اردو- سـنڌي لـغـت جـي تيـاري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردوءَ ۾ ترجمي جو ڪم سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏنو. وائيس چانسلر علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ انهيءَ پيشڪش کي فوري طور منظور ڪري ورتو ۽ ٻن سالن جي مقرر وقت (1955ع کان 1956ع) ۾ اردو-سنڌي لغت جو مسودو تيار ٿي ويو..“ جڏهن ته سنڌي- اردو لغت پڻ 1959ع تائين تيار ٿي وئي. اهي ٻئي لغتون سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع ۽ 1961ع ۾ ڇاپي پڌريون ڪيون. هن سنڌي- اردو لغت (ڊبل ڪرائون سائيز جي 866 صفحن تي مشتمل) کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ٻيو ڀيرو 1979ع ۾ شايع ڪيو ۽ ان جو ٽيون ڇاپو 1985ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 135 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو